منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ 8 ملين ڊالر جو منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو

منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ 8 ملين ڊالر جو منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ۽ ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان منڇر ڍنڍ کي ٻوڏن، ڏڪار ۽ ٻين ماحولياتي خطرن کان بچائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙيندي “ريچارج پاڪستان” منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سان ڊبليو ڊبليو ايف جي “ريچارج پاڪستان” منصوبي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سينئر ڊائريڪٽر فواد حيات، برگيڊيئر (ر) محمد امجد آزاد ۽ ٻيا ماهر شامل هئا. ملاقات دوران منڇر ڍنڍ جي بحالي، ماحولياتي خطرن جي روڪٿام ۽ مقامي آبادي جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينئر ڊائريڪٽر فواد حيات ٻڌايو ته “ريچارج پاڪستان” منصوبو 8 ملين ڊالر (تقريبن 2.25 ارب روپين) جي لاڳت سان شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪو 7 سالن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ 2031ع ۾ پنهنجي اختتام تي پهچندو. ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي سينيئر ڊائريڪٽر فواد حيات موجب، هن منصوبي جو مقصد منڇر ڍنڍ کي سپر فلڊ، شديد برساتن، هيٽ ويو ۽ خشڪ سالي جهڙن چئلينجز کان محفوظ رکڻ آهي. منصوبي ۾ 30 ڪلوميٽرن تائين ڍنڍ جي پراڻن رستن جي کوٽائي ۽ مرمت، جڏهن ته گاجي شاهه، واهي پانڌي، قصبو، ٽنڊو رحيم خان، حاجي خان شاهاڻي، هاليلي ندي ۽ ڇني جهڙن علائقن ۾ به قدم کڻڻ تي عمل ڪيو ويندو. آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو هن منصوبي کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ڍنڍ جي صفائي، ماحول جي بهتري ۽ مقامي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڪندي. هن ڍنڍ جي خراب ٿيندڙ حالت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته شهرن ۽ زرعي زمينن مان ايندڙ گندو پاڻي، خاص طور تي مين نارا ويلي ڊرين جو پاڻي، ڍنڍ جي پاڻي کي تمام گهڻو کارو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري قدرتي ماحول سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو