منشيات جو وڪرو بند ڪرايو، سول سوسائٽي جو احتجاج

منشيات جو وڪرو بند ڪرايو، سول سوسائٽي جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ مظفر علي بروهي) سول سوسائٽي ۽ سياسي ڌرين پاران ضلع اندر ھلندڙ منشيات جي سرعام وڪري خلاف ميونسپل آفيس سامھون بک ھڙتالي ڪيمپ قائم سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي صدر ذوالفقار پپو ڀرڳڙي جي قيادت ۾ سول سوسائيٽي ؛ سماجي تنظيمون ۽ قوم پرست پارٽين جي ڪارڪنن پاران شھر ۾ ھلندڙ جوا ۽ منشيات جي اڏن خلاف سوين ڪارڪنن پاران بک ھڙتالي ڪيمپ تي پھچي سخت نعري بازي ڪئي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پوليس جي ملي ڀڳت سان شھر ۾ سرعام مين پوڙي ؛ چرس ؛ آفيم ؛ آئيس ھلي رھي آھي جنھن سان نوجوان نسل تباھ ٿي رھي آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانجي ضلع جي نوجوان نسل کي خدارا بچايو وڃي ۽ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سرعام سزائون ڏنيون وڃن ته جئين اسانجي آئينده ايندڙ نسل کي صاف سٺو ماحول ميسر ٿي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو