منشيات اسمگلنگ جي الزام ۾ سريلنڪن شهري گرفتار

منشيات اسمگلنگ جي الزام ۾ سريلنڪن شهري گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ پرڏيهي کي گرفتار ڪيو.اي اين ايف جي ترجمان موجب، ٿائيلينڊ ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو.تلاشي دوران سريلنڪن وٽان 1 ڪلو 818 گرام هيروئن هٿ آئي، جنهن وڏي هوشياري سان منشيات پنهنجي سفري بيگ ۾ لڪائي رکي هئي.جوابدار پرڏيهي اڏام ذريعي ٿائلينڊ وڃي رهيو هو.جوابدار خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو