اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ پوليو جا 3 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ لڪي مروت، اتر وزيرستان ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ نئين ڪيس جي تصديق ڪئي. صحت کاتي جي ذريعن موجب لڪي مروت ۾ 15 مهينن جي ٻارڙي ۽ اتر وزيرستان ۾ 6 مهينن جي ٻارڙي پوليو جو شڪار ٿي آهي، سنڌ جي عمرڪوٽ ضلعي ۾ به 5 سالن جو ٻار پوليو جو شڪار ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽن نون ڪيسن جي رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ هن سال ملڪ ۾ رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسن جو انگ 17 ٿي ويو آهي. هينئر تائين خيبرپختونخواهه مان 10، سنڌ مان 5، ۽ پنجاب ۽ گلگت بلتستان مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.










