ملڪ ۾ بي عمل جمهوريت آهي، پختونخواهه ۾ امن ناهي

ملڪ ۾ بي عمل جمهوريت آهي، پختونخواهه ۾ امن ناهي

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قبيلائي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. پشاور ۾ پشتون قومي جرڳي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ خيبر پختونخواهه ۾ امن ناهي، آئين چئي ٿو ته اسلامي نظام هوندو، اسلام جي خلاف ڪو قانون نه ٺهندو، ملڪ ۾ بي عمل جمهوريت آهي، آئين ۽ قانون تي ڪير عمل ڪندو آهي؟هن چيو اسان ديني مدرسن لاءِ مارچ ڪري سگهون ٿا ته قبيلائين لاءِ به ڪنداسين، اسان پاڪستان ۽ آئين جا وفادار آهيون پر جبري فيصلا نه مڃينداسين، سياست ۾ تشدد خلاف آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو