ملڪ جي مختلف حصن ۾ يوٽيوب جي اپ لوڊنگ ۾ سستي

ملڪ جي مختلف حصن ۾ يوٽيوب جي اپ لوڊنگ ۾ سستي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ جي مختلف حصن ۾ يوٽيوب جي اپ لوڊنگ انتهائي سست آهي.ٽيلي ڪام ذريعن موجب يوٽيوب جي بينڊوڊٿ کي گهٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ اجازت ملندي ئي بينڊوڊٿ مڪمل طور تي بحال ٿي ويندي.واضح رهي ته 9 مئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ حڪومتي حڪم تي سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا سائيٽس سميت انٽرنيٽ بند ڪئي وئي هئي.بعد ۾ انٽرنيٽ بحال ڪئي وئي پر سوشل ميڊيا سائيٽون بند رهيون پر هاڻي يوٽيوب اپ لوڊ ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو