ملير جيل جي 6 هزار  قيدين  جي سيڪيورٽي لاءِ 200 اهلڪار مقرر

ملير جيل جي 6 هزار قيدين جي سيڪيورٽي لاءِ 200 اهلڪار مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ملير جيل ۾ قيدين جو تعداد 6000 آهي، جڏهن ته اهلڪارن جو تعداد 200 آهي، ذريعن موجب ملير جيل ۾ پوليس جو تعداد قيدين جي تعداد جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. جيل پوليس جو گهٽ ۾ گهٽ تعداد 600 هجڻ گهرجي ها. زلزلي جي ڪري، ملير جيل جي ڀتين ۾ دراڙون نظر آيون، 300 قيدي فرار ٿي ويا.پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري قيدين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو. ان دوران جيل جي ٻاهران سخت فائرنگ جو آواز به ٻڌو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو