کربين ڊالرز جي معدنيات ذريعي آءِ ايم ايف کي الوداع چئي سگهجي ٿو

کربين ڊالرز جي معدنيات ذريعي آءِ ايم ايف کي الوداع چئي سگهجي ٿو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم جي انعقاد سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. مان پاڪستان ۾ سڀني مندوبن کي ڀليڪار ڪريان ٿو. مان فورم جي ڪامياب تنظيم تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هي فورم سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائيندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان معدني وسيلن کي استعمال ڪندي آءِ ايم ايف کي الوداع چئي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي زمين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي جبلن ۾ معدني ذخيرا موجود آهن، انهن ذخيرن جي ماليت ٽريلين ڊالر آهي، پاڪستان انهن ذخيرن کي ڪڍي قرض جي جبل کان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو.اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي حوصلا افزا آهي. انويسٽمينٽ فورم ۾ معدني وسيلن جي تلاش لاءِ پاڪستاني ڪمپنين ۽ چين، برطانيه، ڏکڻ آفريڪا، روس ۽ ٻين ملڪن جي ڪمپنين سان سمجهاوتن تي صحيحون ڪيون ويون. چيني ڪمپني جيولوجيڪل سروي، روسي ڪمپني جيو-سائنٽفڪ ريسرچ، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ڪمپني ڊجيٽلائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پائيدار معاشي استحڪام لاءِ معدني وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺڻو پوندو، عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ معدني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ذريعي بهترين موقعا حاصل ڪري سگهن ٿيون. صدر ۽ سي اي او بيرڪ گولڊ مارڪ برسٽو چيو ته ريڪوڊڪ، پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ بلوچستان جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. ٻئي پاسي هن فورم جي حوالي سان نيشنل ريسورسز لميٽيڊ (اين آر ايل) پاران جاري ڪيل بيان ۾ٻڌايو ويو آهي ته ان بلوچستان جي چاغي ضلعي ۾ ٽامي ۽ سون جي معدني وسيلن جي اهم دريافت ڪئي آهي۔ هن نجي ڪمپني جي چيئرمين محمد علي تابا جيڪو لڪي سيمينٽ جو به CEO آهي، تنهن پڻ فورم کي خطاب ڪيو. بيان موجب NRL هڪ “سئو سيڪڙو پاڪستاني نجي ملڪيت واري ڪمپني آهي، جيڪا فاطمه فرٽيلائزر، لبرٽي ملز لميٽيڊ ۽ لڪي سيمينٽ جي ذيلي اداري طور ڪم ڪري رهي آهي”۔ NRL کي آڪٽوبر 2023 ۾ چاغي ۾ معدني وسيلن جي ڳولا لاءِ ليز ملي هئي۔ NRL موجب، 500 چورس ڪلوميٽر جي لائسنس واري ايراضي ۾ “ٻه اهڙا علائقا آهن جتي معدنيات جي نشاندهي ٿي آهي. بيان موجب گذريل 15 مهينن دوران 18 نوان امڪاني علائقن جي به نشاندهي ٿي آهي، جن مان هڪ “ٽنگ ڪور” آهي، جيڪو “تيزي سان جديد ڊرلنگ جي مرحلي تائين پهچي چڪو آهي”۔ تابا موجب، NRL “13 ڊائمنڊ ڊرل هولز مڪمل ڪيا (3,517 ميٽر اونهان)، جن مان سڀني ۾ پورفيري انداز جي تبديلي، شيٽيڊ ۽ اسٽاڪ ورڪ ڪوارٽز ويئنز ۽ سلفائيڊ معدني مواد جي موجودگي سامهون آئي”۔ تابا اهو پڻ ٻڌايو ته ’ٽنگ ڪور‘ تي جديد ڊرلنگ جو مرحلو مئي 2025 ۾ شروع ٿيندو، جنهن کان پوءِ عالمي سطح تي تسليم ٿيل ماهرن پاران سال جي آخر تائين هڪ ٽيڪنيڪل رپورٽ تيار ڪئي ويندي، جيڪي اڳ ۾ ئي منصوبي جي نگراني ڪري رهيا آهن۔ ان کان پوءِ ٽن کان چئن سالن تائين “تفصيلي ڳولا” جاري رهندي، جيڪا آخرڪار فيزيبيليٽي اسٽڊي تي ختم ٿيندي، جڏھن ته ٻين امڪاني علائقن ۽ ليزز تي به ڳولا جاري رهندي۔ NRL وڌيڪ چيو ته ان هڪ ليڊ-زنڪ ڳولا لاءِ لائسنس به حاصل ڪيو آهي، جيڪو هڪ ڄاتل سڃاتل ذخيري جي ڀرسان واقع آهي، جتي اڳ ۾ ئي بينڪ لائق فيزيبيليٽي اسٽڊي ڪئي وئي آهي۔ ڪمپني اهو به اجاگر ڪيو ته ڪمپني ۾ مقامي روزگار جي موجوده شرح “90 سيڪڙو کان وڌيڪ” آهي، ڇو ته هو “مقامي آبادي کي اهم اسٽيڪ هولڊر سمجهي ٿو ۽ سماجي ترقي جي سرگرمين کي فعال طور تي سهارو ڏئي ٿو”۔ NRL چيو ته اها بلوچستان حڪومت ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (SIFC) سان گڏجي چاغي ۾ “ٻه اضافي ٽامي-سون جي ڳولا جا لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي 100 ملين ڊالر جي خاص ڳولا فنڊ سان حاصل ڪبا.

پهنجو تبصرو موڪليو