مصطفيٰ مرڊر،پراسيڪيوشن جو پوليس جاچ تي عدم اطمينان

مصطفيٰ مرڊر،پراسيڪيوشن جو پوليس جاچ تي عدم اطمينان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل جي پوليس جاچ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ ڪيس جي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ارمغان خلاف داخل ڪيل چئن ڪيسن ۾ هاڻي تائين ٿيل اڳڀرائي ۽ ڪيس ۾ جوابدار سان اڃا تائين ڪهڙي جاچ ڪئي وئي آهي، ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ٻڌايو وڃي ته ڪيس ۾ اڃا تائين ڪيترين شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، ۽ ڇا ڪيس ۾ ڊي اين اي ۽ فنگر پرنٽس وغيره جي فارنزڪ شروع ڪئي وئي آهي يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو