مسڪ جي ملڪيت ۾ اچڻ بعد ٽوئيٽر جي بي قدري جو سلسلو جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايلون مسڪ گذريل سال آڪٽوبر ۾ 44 ارب ڊالرن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽ کي خريد ڪيو هو، هاڻي ستن مهينن بعد ٽوئيٽر جي ماليت 67 سيڪڙو تائين گهٽجي چُڪي آهي.مالياتي سروسز فراهم ڪندڙ ڪمپني فيڊيلٽي ويجهڙائي ۾ ئي ٽوئيٽر ڪمپني جي ماليت جو ڪاٿو لڳايو هو ان طرفان ئي اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٽوئيٽر جي ماليت ۾ 67 سيڪڙو تائين لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.ان کان اڳ هلندڙ سال مارچ ۾ ايلون مسڪ به تسليم ڪيو هو ته ٽوئيٽر جي ماليت پنجاهه سيڪڙو کان به وڌيڪ گهٽجي اٽڪل ويهه ارب ڊالرز تائين پهچي چڪي آهي.فلحال اهو واضح ناهي ته فيڊيلٽي ٽوئيٽر جي قدر جو نئون ڪاٿو ڪهڙين تفصيلن کي نظر ۾ رکي لڳايو آهي. فيڊيلٽي جي ڪاٿي موجب 44 ارب ڊالرن ۾ وڪرو ٿيل سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي ماليت ستن مهينن ۾ اٺ ڏهائي اٺ دالر رهجي وئي آهي. ٽوئيٽر ڪهڙين به ڏکيائين کي منهن ڏيندو هجي پر ايلون مسڪ جي ذاتي دولت ۾ هلندڙ سال دوران هنيئر تائين 53 ارب ڊالرن کان وڌيڪ واڌارو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو