مختصر مدت جي اغوا ۾ ملوث 2 جعلي پوليس آفيسر گرفتار

مختصر مدت جي اغوا ۾ ملوث 2 جعلي پوليس آفيسر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلشن بلاڪ 4 ۾ هڪ ڪارروائي ۾ پوليس مختصر مدت جي اغوا ۾ ملوث ٻن جعلي پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو.پوليس موجب، هڪ شڪي پاڻ کي پوليس آفيسر ۽ ٻئي کي پوليس اهلڪار طور پيش ڪيو. جوابدارن هڪ سول ايوي ايشن ملازم ۽ هڪ پوليس اهلڪار کي اغوا ڪيو آهي.جوابدارن کان ٻه پستول، 20 ٿيلها، پوليس ورديون، درجنين بيج، جديد هٿڪڙيون، 8 موبائل فون، هڪ جعلي بلٽ پروف جيڪٽ، ڪيتريون ئي گھڙيون ۽ جديد ايل سي ڊي هٿ ڪيون ويون آهن.پوليس اختيارين موجب، جوابدار بلاول خلاف رحيم يار خان ۽ ڪراچي ۾ پنج ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ۽ جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو