محتسب ڪورنگي جي آفيس نئين ھنڌ منتقلي جاري،عوام کي آگاھي

محتسب ڪورنگي جي آفيس نئين ھنڌ منتقلي جاري،عوام کي آگاھي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جي آفيس پاران عوام کي اطلاع ٿو ڪجي ته ڪورنگي ڪراچي ۾ واقع ريجنل (علائقائي) آفيس کي نئين جڳهه تي منتقل ڪيو پيو وڃي، هي آفيس تاريخ 30 اپريل 2025 کان پنهنجي موجوده جڳهه گرائونڊ فلور، بنگلا نمبر D-214، لکنئون ڪوآپريٽو سوسائٽي ڪورنگي مان منتقل ٿي ڪري مزنائن فلور پلاٽ نمبر ST-/10 سيڪٽر 23، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا، ويجهو شان چورنگي، اي پي اي آفيس سان گڏ واقع نئين عمارت ۾ شروع ڪيو ويندو. هي قدم شهرين جي بهتر سهولتن جي فراهمي، آسان رسائي ۽ شڪايتن جي فوري حل جي لاءِ ڪيو پيو وڃي سڀني شهرين کي گذارش آهي ته هو آفيس جي نئين ايڊريس کي نوٽ ڪن، وڌيڪ رابطو ڪرڻ جي لاءِ صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس فون نمبرن تي 0092-21-99211025-028-031 رابطو ڪري سگهجي ٿو يا وري ايميل ايڊريس rdmohtkhikor@gmail.com اسان جي ويب سائيٽ www.mohtasibsindh.gov.pk تي وزٽ ڪري سگهن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو