لڪي مروت ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

لڪي مروت ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) بنون ريجن لڪي مروت جي شگئي علائقي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.سي ٽي ڊي ذريعن موجب، شگئي ۾ آپريشن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن جا وڌيڪ ساٿي تقريباً 40 منٽن تائين هلندڙ آپريشن ۾ فرار ٿي ويا.سي ٽي ڊي موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي جڏهن ته دهشتگردن جي قبضي مان 4 ڪلاشنڪوف، 2 پستول، 8 دستي بم ۽ آءِ اي ڊي هٿ ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه، جمعي تي لڪي مروت ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ 7 اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائنز ۾ ادا ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو