ليگي وزير تڪراري بيان پيا ڏين، قيادت کين سمجهائي: شرجيل ميمڻ

ليگي وزير تڪراري بيان پيا ڏين، قيادت کين سمجهائي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) سان تعلق رکندڙ ڪجهه وزير تڪراري بيان بازي ڪري رهيا آهن، شهباز شريف ۽ نوازشريف پنهنجن ماڻهن کي سمجهائين، جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته ڳالهيون مونجهاري جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. ڪراچي ۾ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ناصر حسين شاهه ۽ عاجز ڌامراهه سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته تڪراري ڪينالن تي پيپلز پارٽي جو واضح موقف رهيو آهي، ڪوشش آهي ته مسئلي کي حل ڪيو وڃي. ماڻهن جا جائز خدشا آهن، نگران حڪومت جي دوران ارسا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ۽ چيو ته ڪئنال ٺاهيو پاڻي موجود آهي.هن چيو ته انهي وقت به سنڌ جي نمائندي مخالفت ڪئي هئي جيڪي ماڻهو چون ٿا ته پيپلز پارٽي دير سان جاڳي انهن کي چئون ٿا ته اسان وٽ رڪارڊ موجود آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مخالفت ڪئي 16 جون تي وڏي وزير سمري تي صحيح ڪئي، 3 جولاءِ تي سمري وفاق ڏانهن پهچي چڪي هئي.شرجيل ميمڻ چيو ته اسان وٽ سمورا خط موجود آهن، جنهن ۾ اسان ڪينالن جي مخالفت ڪئي، پيپلز پارٽي جو اهوئي موقف آهي ته تڪراري ڪينال نه ٺاهيا ويندا جتان کان اوهان پاڻي وٺو ٿا انهن کي به ٻڌايو ته اسان اوهان جو پاڻي کڻي رهيا آهيون. صدر آصف زرداري پاڻ چئي چڪو آهي ته اسان تڪراري منصوبي کي سپورٽ نه ڪنداسين، پهرين ڏينهن کان ڪينالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي جو واضح موقف آهي جتي به اسان جون گجاڻيون ٿيون اسان اتي انهي منصوبي جي مخالفت ڪئي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنجاب ۾ جر جو پاڻي مٺو آهي انهي سان آبادڪاري ٿي سگهي ٿي. راڻا ثناءُالله جو 2 ڏينهن اڳ فون آيو انهي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف انهي معاملي کي حل ڪرڻ چاهي ٿو. راڻا ثناءُالله سان ڪالهه ۽ اڄ به ڳالهه ٻولهه ٿي، شهباز شريف سموري ملڪ جو وزيراعظم آهي، ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ گهرجن.سينئر صوبائي وزير چيو ته ملڪ عوام سان گڏ هوندو آهي، 91 جي معاهدي تحت به اسان کي پاڻي نه پيو ملي، قانوني ۽ آئيني طور تي جيڪو اسان جي پاڻي جو شيئر بڻجي ٿو اه ئي ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ آئيني ۽ قانوني حق آهي پر روڊن کي بلاڪ نه ڪريو، ٽرڪن ۾ چوپايو مال ڦاتل آهي انهن کي خوراڪ نه پئي پهچي سگهي ايڪسپورٽ جو سامان ڦاٿل آهي منهنجي التجا آهي ته ماڻهن جو خيال رکو، احتجاج کي پرامن رکو.

پهنجو تبصرو موڪليو