ليگل رائيٽس فورم پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي تقريب منعقد

ليگل رائيٽس فورم پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي تقريب منعقد

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) ليگل رائيٽس فورم پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي تقريب منعقد ڪئي وئي.ليگل رائيٽس فورم پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مڏ کوسو ۽ وزيرآباد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ جاڳرتا ريلي پڻ ڪڍي وئي، جتي علائقي جي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۽ جاڳرتا ريلي کي خطاب ڪندي نگھت سلطانه، صائمه لطيف سومرو، اياز سومرو، صائمه ناز، انيسه پروين، زاھد ابڙو، نسيم کوسو، غلام قادر مستوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڳوٺ سطح تي گڏجاڻيون ڪرڻ جو مقصد عورتن کي پنهنجي حقن بابت ڄاڻ ڏيڻ آھي عورتن کي بااختيار ڪرڻو پوندو، جنھن ملڪ ۾ عورتن کي آزادي آھي اھي ملڪ اڄ معاشي ليول تي مضبوط آھن اسانکي به پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ عورتن کي مضبوط ڪرڻو پوندو عورتن کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻو پوندو اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي عورت کي پنھنجن حقن جي خبر ئي ناھي اسان کي  معاشري جي رنگ نسل مذهب کان مٿاھون ٿي ڪري عورت کي  مضبوط ڪرڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو