لبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ 16 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق

لبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ 16 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) تصديق ڪئي آهي ته ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن مان ست پاڪستاني شهري هئا.ايف آءِ اي موجب، ليبيا جي ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ 16 پاڪستانين جي فوتگي جي تصديق ٿي وئي آهي. 37 پاڪستانين کي بچايو ويو، جن مان ڪجهه علاج هيٺ آهن. انهن  جي سڃاڻپ انهن جي پاسپورٽن مان ٿي. ايف آءِ اي چيو ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 16 پاڪستانين مان اڪثريت خيبرپختونخوا جا رهواسي هئا، جن مان ڇهه ڪرم ۽ هڪ باجوڙ جو رهواسي هو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ليبيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني چيو هو ته مارسا ڊيلا بندرگاهه جي ويجهو 65 مسافرن سان ڀريل ٻيڙي ٻڏي وئي آهي.شروعاتي معلومات مان ظاهر ٿيو ته حادثي ۾ 16 پاڪستاني مارجي ويا، پر گذريل ڏينهن فوت ٿيندڙن مان صرف 10 جا لاش هٿ ڪيا ويا. هاڻي 16 ئي فوتي پاڪستانين جي تصديق ٿي وئي آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ لبيا ۾ ٻن گمنام اجتماعي قبرن جي به نشاندهي ٿي هئي جنهن مان مليل لاشن کي گوليون لڳل هيون. انهن ۾ ڪيترا پاڪستاني آهن ان بابت جاچ جاري اهي.

پهنجو تبصرو موڪليو