ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لياري-ڪالڪوٽ علائقي ۾ تعمير هيٺ عمارت جي پلاٽ تي دستي بم حملي جو ڪيس بلڊر حاجي عبدالوهاب جي شڪايت تي ڪالاڪوٽ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ هڪ شخص زخمي ٿيو آهي.پوليس موجب ڪيس ۾ دهشتگردي ۽ قتل جون دفعات شامل ڪيون ويون آهن. بلڊر حاجي عبدالوهاب پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته منهنجي پلاٽ جي دروازي کي گرنيڊ حملي سبب سوراخ ٿي ويا آهن.چون ٿا ته هڪ نامعلوم شخص دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويو، ۽ حملي ۾ هڪ شخص زخمي ٿيو.پوليس جو چوڻ آهي ته بلڊر چيو آهي ته کيس ڪا به ڌمڪي يا ڀتا خوري جون ڪالون نه مليون آهن، جڏهن ته، بلڊر مختلف تڪرارن کي به منهن ڏئي رهيو آهي.پوليس موجب، گرنيڊ حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ ڏٺي پئي وڃي.










