لياري، عمارت جي ملبي مان 28 ماڻهن جا لاش هٿ،آپريشن مڪمل

لياري، عمارت جي ملبي مان 28 ماڻهن جا لاش هٿ،آپريشن مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي لياري بغدادي علائقي ۾ ڪالهه ڪريل عمارت جي ملبي مان 28 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.ملبي مان ڪڍيل لاشن ۾ 12 مرد، 9 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهن.ريسڪيو آفيسر جو چوڻ آهي ته آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، هاڻي تائين 90 سيڪڙو ملبو هٽايو ويو آهي. آپريشن دوران ٻه ڀيرا وڏي مقدار ۾ پئسا مليا، جيڪي ذميوار ڌرين جي حوالي ڪيا ويا.ريسڪيو آفيسر جو چوڻ آهي ته عمارت هيٺان رڪشا بيٺا هئا، ۽ لڳ ڀڳ 50 رڪشا به ملبي هيٺان دٻجي ويا هئا.ٻئي طرف، پوليس متاثر عمارت جي چوڌاري ٻين عمارتن کي خالي ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ علائقي کي گهيري ورتو آهي.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت جي ڪِرڻ جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو