لياري متاثرين جي رهائش جو هوٽل ۾ انتظام ڪيو آهي

لياري متاثرين جي رهائش جو هوٽل ۾ انتظام ڪيو آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر يوسف بلوچ چيو آهي ته رهائشي عمارت ڪرڻ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن کي هوٽلن ۾ رهائش ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن.گذريل ڏينهن لياري جي بغدادي علائقي ۾ هڪ پنج ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي، جنهن ۾ هاڻي تائين 16 ماڻهو مارجي ويا آهن. ان حوالي سان جيو نيوز سان ڳالهائيندي يوسف بلوچ چيو ته علائقي جي مختلف هوٽلن ۾ بي گهر ماڻهن جي رهائش لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف، متاثر عمارت جي چوڌاري ٻين عمارتن کي خالي ڪرايو ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو