لنجار بدلي، عديل چانڊيو حيدر آباد جو ايس ايس پي مقرر

لنجار بدلي، عديل چانڊيو حيدر آباد جو ايس ايس پي مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس جي ايس ايس پي سطحي جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيو، حيدرآباد جي ايس ايس پي فرخ لنجار کي بدلي ڪري گھرو وزير جو اسٽاف آفيسر مقرر ل ڪيو ويو، گھرو وزير جي اسٽاف آفيسر عديل چانڊيو کي ھٽائي فرخ لنجار جي جاءِ تي ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو ايس ايس پي سيد سلمان حسين کي ڊرائيونگ لائسنس برانچ مان بدلي ڪري اي آءِ جي موٽر ٽرانسپورٽ سنڌ ڪراچي جي خالي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو ، سي پي او سنڌ جي اي آءِ جي ايڊمنسٽريشن غلام مرتضي تبسم کي اي آءِ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سي پي او سنڌ جي اضافي چارج بھ سونپي وئي،آءِ جي سنڌ جي منظوري سان آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ياد رهي ته گذريل ڪجه ڏينهن کان وٺي وڪيلن جو لنجار کي هٽائڻ لاءِ احتجاج جاري هو

پهنجو تبصرو موڪليو