لاکڙا ڪول فيلڊ جي برطرف ملازمن جو بحالي لاء احتجاج

لاکڙا ڪول فيلڊ جي برطرف ملازمن جو بحالي لاء احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)لاکڙا ڪول فيلڊ جي امين ڪوئلا ڪمپني جي برطرف ملازمن جو بحالي لاء ھٿن ۾ بيلچا کڻي مارچ  ڪمپني گيٽ آڏو ڌرڻو نعريبازي احتجاج. لاکڙا ڪول فيلڊ جي امين ڪوئلا ڪمپني برطرف ڪيل 300 بيلچي مزدورن کي بحال ڻه ڪري سگهي هوڏ تي بيٺل سرمائيدار جو مزدورن کي نيڪالي ڏئڻ سبب پورهيت ۽ خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا  قديمي ڳوٺ عبدالحڪيم کوسو ۾ کاڻون هئڻ باوجود ڳوٺاڻن کي نيڪالي ڏئي ڌارين کي مقرر ڪيو ويو ڳوٺ جا رستا مهيني کان بند ڪيا وي اهڙي عمل خلاف سوين مزدورن هٿن ۾ بيلچا کڻي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري امين ڪمپني جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ڪمپني انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي پورهيتن غلام عباس کوسو ديدار کوسو علي گل کوسو ۽ ٻين ميڊي کي ٻڌايو ته سندن زمينن مان امين ڪمپني اربين روپين جو ڪوئلو ڪڍي رهي آھي ڪمپني پيئڻ جي پاڻي روڊ تعليم صحت تي هڪ روپيو به خرچ ناهي ڪيو  پر هيوي مشينري آڻي  روزانه ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 300 کان وڌيڪ  بيلچي مزدورن کي ڪجه وقت اڳ نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي جنهن خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھيون پر ڪمپني انتظاميا هوڏ تان نٿي لهي نجي هٿياربندن ذريعي مشينري ساڻ ڪري کين خاموش ڪرائڻ لاء ڪوڙن ڪيسن حملن ڄا  داٻا ڏئي رهيا آھن بي روزگاري سبب سندن گهرن ۾ ڦاڪاڪشي واري صورتحال آھي ڌارين مقامي ماڻھن جي وات جو گهره به کسي ويا آھن هنن سپريم ڪورٽ ھاء ڪورٽ وزير اعلي سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ت کين حق ڏئي روزگار بحال ڪرائي ڏئڻ ۾ مدد ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو