لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻي جي رتوديرو علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري چيو ته گشت تي موجود پوليس اهلڪارن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو ۽ سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا.احمد فيصل چوڌري چيو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ الله ڊنو جانوري جي نالي سان ٿي آهي. ڌاڙيل الله ڊنو جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل الله ڊنو سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ سندس خلاف وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










