لاڙڪاڻو (ن هه) لاڙڪاڻي ۾ هڪ تلاءَ مان 4 ڇوڪرين جا لاش مليا آهن.پوليس موجب لاڙڪاڻي ۾ باڊهه ويجهو ڳوٺ صاحب خان ملاڻو ۾ هڪ تلاءَ مان 4 ڇوڪرين جا لاش مليا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته چارئي ڇوڪريون گذريل شام راند ڪندي ڳوٺ کان ٻاهر تلاءَ ۾ ڪري پيون.پوليس موجب، ڇوڪرين جي عمر 5 کان 8 سالن جي وچ ۾ آهي ۽ چارئي سئوٽ آهن، چئني جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










