رشتي جو تڪرار، وحشي پٽ، ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

رشتي جو تڪرار، وحشي پٽ، ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ رشتي جي تڪرار تان وحشي پٽ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب اهو افسوسناڪ واقعو لاهور جي علائقي رائونڊ ۾ پيش آيو، جتي وحشي پٽ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب جوابدار پنهنجي ڀيڻ جي شادي پنهنجي مائٽن ۾ ڪرائڻ چاهي ٿي، جنهن تي گهرڀاتين سان جهيڙو ٿي پيو ۽ سندس ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو