لائيوسٽاڪ ۽ فشريز معيشت جي ريڙهه جي هڏي قرار

لائيوسٽاڪ ۽ فشريز معيشت جي ريڙهه جي هڏي قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لائيوسٽاڪ اينڊ فشريز بابت صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اڄ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٽن ڏينهن واري “ڊيلفا ڪيٽل شو سيزن 5” جو بطور خاص مهمان باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب جي منتظمين حارث علي مٺاڻي ۽ زوهير نصير جي دعوت تي صوبائي وزير شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ ربن ڪاٽي نمائش جو آغاز ڪيو. افتتاحي تقريب کانپوءِ صوبائي وزير شو جي مختلف حصن جو تفصيلي دورو ڪيو جتي هن سڄي ملڪ مان آندل اعليٰ نسل جي چوپائي مال، جديد ڊيري فارمنگ جي اوزارن ۽ لاڳاپيل ادارن پاران لڳايل اسٽالن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي کيس ٻڌايو ويو ته هن شو جو مقصد مقامي نسل جي چوپائي مال جي افزائش ۽ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو فروغ آهي. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي نمائش ۾ موجود چوپايو مال پاليندڙن ۽ هارين جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته ڊيلنا ڪيٽل شو جهڙا ايونٽس نه صرف لائيوسٽاڪ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪن ٿا پر هارين کي جديد سائنسي معلومات ۽ ٽيڪنالاجي سان روشناس ڪرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ لائيوسٽاڪ ۽ فشريز جي شعبي کي معيشت جي ريڙهه جي هڏي سمجهي ٿي ۽ ان جي بهتري لاءِ هر ممڪن عملي قدمن ۽ پاليسي سازي جاري رکندي ته جيئن ڊيري ۽ گوشت جي پيداوار ۾ خودڪفالت سان گڏ برآمدات ۾ پڻ اضافو ڪري سگهجي. صوبائي وزير پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده دور ۾ روايتي فارمنگ جي بجاءِ سائنسي بنيادن تي لائيوسٽاڪ جي افزائش وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي لائيوسٽاڪ جي حوالي سان انتهائي زرخيز آهي پر اسان کي کير ۽ گوشت جي پيداوار کي عالمي معيار جي مطابق آڻڻ لاءِ جديد جين ٽيڪنالاجي ۽ ويليو ايڊيشن تي توجهه ڏيڻي پوندي. حڪومت سنڌ جلد ئي اهڙا منصوبا متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن سان ننڍن آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ۽ جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غربت جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي. محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته لائيوسٽاڪ سان گڏ فشريز جو شعبو پڻ ملڪي مٽاسٽا ۾ اضافي جو وڏو ذريعو آهي. هن ٻڌايو ته صوبائي حڪومت ميرين فشريز ۽ ان لينڊ ايڪوا ڪلچر جي فروغ لاءِ جامع پاليسي تي عمل پيرا آهي ته جيئن مڇين جي افزائش نسل کي بهتر بڻائي بين الاقوامي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته اهڙا شو مينوفڪچررز، ايڪسپوٽرز ۽ هارين جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا، جنهن سان نه صرف مقامي تجارت کي فروغ ملي ٿو پر غير ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد پڻ بحال ٿئي ٿو. ان موقعي تي حارث مٺاڻي، زوهير نصير، ڊائريڪٽر جنرل لائيوسٽاڪ حزب الله ڀٽو، ڊي جي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ ڊاڪٽر نذير حسين ڪلهوڙو، ڊي جي پولٽري پروڊڪشن اينڊ ريسرچ ڊاڪٽر صلاح الدين شاهه، ڊي جي ايڪسٽينشن ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي ۽ ڊي جي ميرين فشريز سنڌ ڊاڪٽر عاصم ڪريم سميت ٻيا اعليٰ عملدار ۽ اسٽيڪ هولڊرز وڏي تعداد ۾ موجود هئا. نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ ماهرن جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي ايونٽس سان صوبي ۾ بريڊ امپروومينٽ ۽ جانورن جي صحت عامه بابت آگاهي پيدا ٿئي ٿي جيڪا ٻهراڙي جي معيشت جي مضبوطي لاءِ ناگزير آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو