قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي ٿيندو، ايجنڊا جاري

قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي ٿيندو، ايجنڊا جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام جو 5 وڳي ٿيندو جنهن جي لاءِ 13 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي.انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو پاڪستان ساحلي محافظين ترميمي بل 2024 ۽ پاڪستان شهريت ايڪٽ ترميمي بل 2023 به ايجنڊا ۾ شامل آهي.سول ڪورٽس ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، سوات ۾ نوان گيس ڪنيڪشن نه ڏيڻ خلاف ڌيان ڏياريو نوٽيس ايجنڊا جو حصو آهي. انهي کان علاوه جنڪوز جي ملازمن جي مسئلن جي حوالي سان ڌيان ڏياريو نوٽيس به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو