ملير (ڊ ر) قائد آباد ويجهو فائرنگ، سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو، هٿيار بند فرار، مڙھ جناح اسپتال منتقل، گهر ۾ ڪهرام، نوجوان ڪجهه مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي وارث، تفصيل موجب قائداباد جي علائقي مظفر ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مبارڪ علي مارجي ويو جڏهن ته هٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪاروائي بعد مڙھ جناح اسپتال منتقل ڪيو ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته مارجي ويل نوجوان ڪجهه مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي تڪرار جي نبيري لاءِ جرڳا پڻ ڪيا ويا هئا اسان جي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس موجب واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،










