واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)دنيا جي مقبول ترين سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ فيس بڪ خاموشي سان ڪيترائي نوان فيچر شامل ڪيا آهن.ميٽا فيس بڪ جي مختصر وڊيوز سيڪشن ۾ ڪيترائي نوان فيچر متعارف ڪرايا آهن.ڪمپني فيس بڪ ۾ ريلز جو مدو وڌايو آهي.صارفين هاڻي 60 سيڪنڊن جي بدران 90 سيڪنڊن جي وڊيو ريليز پوسٽ ڪرڻ جي قابل هوندا.انسٽاگرام جولاءِ 2022 ۾ ريل جو مدو 90 سيڪنڊن ۾ تبديل ڪيو ۽ هاڻي فيس بڪ به اهو ئي ڪيو آهي.اهڙي طرح انسٽاگرام کان پوءِ فيس بوڪ ريلز لاءِ گرووز متعارف ڪرايو ويو آهي ته جيئن وڊيو کي گاني سان همڪنار ڪري سگهجي. ڪمپني موجب ان فيچر لاءِ ويزوئل بيٽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي.ٻيو فيچر ياداشتن مان ريل ٺاهڻ آهي جڏهن ته صارفين ريل وڊيوز لاءِ ٽرندينگ ٽيمپليٽس پڻ استعمال ڪري سگهندا.ميٽا جو چوڻ هو ته ريلز جي وڊيوز جي مقبوليت تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ هڪ سال ۾ ان کي ڏسڻ جو تعداد ٻيڻو ٿي ويو آهي.










