فيس بڪ، انسٽا تان فحش تصويرون ۽ وڊيوز هٽائڻ جو ٽول متعارف

فيس بڪ، انسٽا تان فحش تصويرون ۽ وڊيوز هٽائڻ جو ٽول متعارف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ميٽا فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي اپ لوڊ ڪيل فحش تصويرون ۽ وڊيوز کي هٽائڻ لاءِ هڪ اوزار متعارف ڪرايو.پرڏيهي خابرو اداري موجب ميٽا ڪيا جو نئون ٽول آمريڪي تنظيم نيشنل سينٽر آن فارمنگ اينڊ ايڪسپلائيٽڊ چلڊرن پاران ٽيڪ اٽ ڊائون جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو آهي. ٽيڪ اٽ ڊائون نالي ٽول هڪ مفت سروس آهي جيڪا هڪ ويب سائيٽ جي طور تي ڪم ڪري ٿي، جتي 18 سالن کان گهٽ عمر وارا صارف يا انهن جا والدين اهي تصويرون ۽ وڊيوز پوسٽ ڪري سگهن ٿا جن جو کين خوف هجي ته انٽرنيٽ تي شيئر ڪري سگهجي ٿو يا شيئر ڪيو ويو آهي. انهن تصويرن ۽ وڊيوز کي ٽيڪ اٽ ڊائون ٽول ذريعي ڊجيٽل فنگر پرنٽس ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ هيش طور محفوظ ڪيو ويندو، جيڪي نيشنل سينٽر فار مسنگ اينڊ ايڪسپلائيٽڊ چلڊرن ۽ مٿي ڄاڻايل پليٽ فارم تي موڪليا ويندا. هي هيش ميچ ٽيڪنالاجي سوشل ميڊيا سائيٽن تي اصل تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي، مطلب ته جڏهن به ڪو ماڻهو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندو ته ٽول ان کي هٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو