فواد چوڌري جو مريم نواز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

فواد چوڌري جو مريم نواز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز جي آپريشن تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فواد چوڌري مريم نواز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي کيس جلد صحتياب ٿيڻ جو چيو.واضح رهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز جو گذريل ڏينهن جنيوا ۾ آپريشن ڪيو ويو هو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب لکيو ته مريم نواز جنيوا ۾ گلي جي آپريشن کانپوءِ ٺيڪ آهي، سندس آپريشن 3 ڪلاڪ جاري رهيو. مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز عوام ۽ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪيو آهي جن دعائن ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام موڪليا.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي آپريشن کانپوءِ سندس ڪمري ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو