فهميده جي وارثن پاران جاچ رپورٽ رد، عدالتي جاچ جو مطالبو

فهميده جي وارثن پاران جاچ رپورٽ رد، عدالتي جاچ جو مطالبو

ميرپورخاص: (ن س) ميرپورخاص جي ھڪ نجي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج اندر حراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاريءَ جي وارثن آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل 5 رڪني ٽيم جي جاچ رپورٽ کي رد ڪندي ان کي اڻپوري قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فھميدا ڪيس جي فريادي افتخار لغاري، فھميدا جي والد انتظار لغاري چيو آھي ته جاچ رپورٽ ۾ ڊي ايس پي سراج الدين لاشاري اختلافي نوٽ ۾ موقف ظاھر ڪيو آھي ته ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل عابد لغاري جي اپائنٽمينٽ جو ذميوار جيڪڏھن ڪاليج جو پرسينپل ظفر تنوير ناھي ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير آھي؟ ھنن چيو ته يقينن ان جو ذميوار يونيورسٽي جو چانسلر ڊاڪٽر سيد رضي محمد آھي، ان کي ڇو ناھي ذميوار قرار ڏنو ويو؟ ھنن سوال اٿاريو ته رپورٽ ۾ ھڪ جاءِ تي عابد لغاريءَ کي انڪواليفائيڊ ڊاڪٽر قرار ڏنو ويو آھي ۽ اھو به چيو ويو آھي ته ڪاليج انتظاميا عابد لغاريءَ کي ڊاڪٽر قرار ڏئي ان کان ڪلاس اٽينڊ ڪرائيندي ھئي ته پوءِ 14 سالن تائين ساڳئي اداري ۾ ڪم ڪندڙ اھڙي شخص کي رکڻ جو ذميوار آخر ڪير آھي، جيڪو نياڻين کي ھيسائيندو رھندو ھو؟ ھنن چيو ته جاچ ٽيم جي رپورٽ جڏھن کين ملي ھئي ته ھو اھا رپورٽ کڻي آءِ جي سنڌ سان مليا ھئا، جنھن فھميدا لغاريءَ جي ڀيڻ مھڪ فاطما جي مٿي تي ھٿ رکي يقين ڏياريو ھو ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو پر آءِ جي سنڌ ساڻن واعدو وفا نه ڪيو.فھميدا جي وارثن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ميرپورخاص کين ٻڌايو ھو ته ھن ڪيس ۾ ڪاليج جي ڊائريڪٽر ايڊمينشن نديم اقبال کي حراست ۾ ورتو ويو آھي، ان کان به پچا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته رپورٽ ان کان ٿيل پڇا ڳاڇا جو ذڪر ڇو ناھي ڪيو ويو؟ ھنن وڌيڪ چيو ته جاچ ٽيم کي ھنن جيڪي ثبوت فراھم ڪيا ھئا، انھن جو ئي ذڪر ڪيو ويو آھي، باقي پوليس جي پنھنجي الڳ ڪيل جاچ ڪٿي آھي؟ ھنن چيو ته رپورٽ ۾ فھميدا کي نفسياتي مريض قرار ڏنو ويو آھي، ڇا ڪا نفسياتي مريض ڇوڪري ميٽرڪ کان وٺي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھڻ تائين پوزيشن ھولڊر ٿي سگھي ٿي؟ھنن الزام ھنيو ته فھميدا کي نفسياتي مريض قرار ڏيڻ وارا سرٽيفڪيٽ خود ڪاليج انتظاميا کان ورتا ويا آھن. فھميدا جي والد الزام ھڻندي چيو ته فھميدا کان اڳ ساڳئي ڪاليج اندر 4 نياڻين سان ھراسمينٽ جا واقعا ٿيا ۽ اھي موت جي مُنھن ۾ ھليون ويون، پر جاچ رپورٽ جي اختلافي نوٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته يونيورسٽي اندر ھراسمينٽ جي ڪا بھ درخواست داخل ناھي ٿيل. ھنن وڌيڪ چيو ته فھميدا جي حراسمينٽ بابت ھنن يونيورسٽي جي وي سي، ان جي گھر واري، ڊائريڪٽر ايڊميشن ڊاڪٽر نديم اقبال کي درخواست ڏني ھئي پر ھو ان معاملي کي لاڳيتو ٽاريندا رھيا، جيستائين ھي واقعو پيش نھ آيو.ھنن چيو ته جاچ رپورٽ ۾ جنھن شاگرد عبداللھ ۽ عبدالرحمان کي آجو قرار ڏنو ويو آھي، انھن ئي گڏجي ٻين شاگردياڻين کي فھميدا خلاف ڀڙڪايو ۽ عبداللھ ئي فھميدا جي فيڪ آءِ ڊي ٺاھي ھئي ۽ اھي سڀ ڳالھيون کين فھميدا ئي ٻڌايون ھيون. ھنن چيو ته جيڪي به نالا ايف آءِ آر ۾ ڏنا ويا آھن، انھن سمورن ماڻھن جو ذڪر خود فھميدا پاڻ ڪيو ھو. ھنن چيو تھ فھميدا ڪيس جي فارنزڪ رپورٽ اڃا تائين ناھي اچي سگھي، ان ڪري کين خدشو آھي تھ ان رپورٽ ۾ بھ ڪٿي ردو بدل يا فارجري نھ ڪئي وڃي. ھنن چيو تھ فھميدا جو ڪيس ٻين نياڻين کي اھڙن واقعن کان بچائڻ جو ڪيس آھي، جيڪڏھن آئندھ ڪنھن نياڻي سان ھراسمينٽ جو واقعو ٿيو تھ ان جو ڪيس پوليس جي ھن 5 رڪني جاچ ٽيم تي داخل ڪيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو تھ واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. ھنن چتاءُ ڏنو تھ ساڻن انصاف نھ ڪيو ويو تھ ھو لاڳيتو احتجاجي تحريڪ ھلائيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو