لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گهرو معاملن واري صلاحڪار عمر سرفراز چيما چيو آهي ته جي آءِ ٽي ۽ فرانزڪ ٽيم جي رپورٽ موجب عمران خان تي مختلف طرفن کان 3 حملي آورن فائرنگ ڪئي. هڪ بيان ۾ عمر سرفراز چيما چيو ته اڻ تصديق ٿيل رپورٽن جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي برابر آهي، جي آءِ ٽي ۽ فرانزڪ ٽيم جي رپورٽ موجب عمران خان تي 3 حملي آورن مختلف طرفن کان فائرنگ ڪئي.هن چيو ته عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جاچ ۽ فرانزڪ رپورٽ جلد عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. گهرو صلاحڪار چيو ته عمران خان جي سيڪيورٽي گارڊن جا هٿيار فرانزڪ رپورٽ ۾ واضح آهن.










