غيرقانوني ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

غيرقانوني ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ڪراچي جي بولٽن روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي غير قانوني ڪرنسي مٽاسٽا ۾ ملوث هڪ شڪي کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي موجب، گرفتار ٿيل جوابدار کان 25 لک رپيا، موبائل فون، چيڪ بڪ، ڊيپازٽ بڪ ۽ هڪ ليپ ٽاپ هٿ ڪيو ويو آهي.جوابدار کان ٻين پرڏيهي ڪرنسي جي مٽاسٽا سان لاڳاپيل رڪارڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.ايف آءِ اي موجب، حوالا هنڊي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار سميت ٻن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو