غيرت جي نالي تي ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

غيرت جي نالي تي ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) منگهو پير ۾ ڪارنهن الزام هيٺ چئن ڀائرن پنهنجي شادي شده ڀيڻ ۽ ويجهي مائٽ کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي. غيرت جي نالي تي چئن ڀائرن پنهنجي شادي شده ڀيڻ ۽ ويجهي مائٽ کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ اهي ته عورت در بي بي ۽ سندن مائٽ مختار جي قتل ۾ ملوث چئني جوابدارن جون گهر واريون پوليس جي حراست ۾ آهن جنهن پوليس کي ٻڌايو آهي ته رات دير سان مقتول مختار پنهنجي مائٽ عورت در بي بي جي گهر ان سان ملڻ آيو جنهن جي باري ۾ در بي بي جي ڀائرن کي خبر پئي ته هو اتي پهچي ويا.پوليس جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته مقتول مختار جوابدارن سان هاٿا پائي ڪري ڀچڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوابدارن کيس پڪڙي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان پوءِ چئني جوابدارن پنهنجي ڀيڻ در بي بي کي به تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.پوليس موجب در بي بي شادي شده هئي ۽ ان جو مڙس روزگار جي سلسلي ۾ سعودي عرب ۾ ترسيل آهي. پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن جڏهن ته چئني قاتل ڀائرن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو