ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه پاران عيسائي برادري کي ايسٽر جي خوشي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيسائي برادري تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن ۾ جيڪي خدمتون انجام ڏنيون، سي ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان جو آئين سڀني اقليتن کي برابر جي حقن ۽ مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن جي ترقي، خوشحالي ۽ خودمختياري لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، عيسائي برادري هميشه ملڪ جي ترقي، يڪجهتي ۽ امن جي واڌاري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي،منهنجي دعا آهي ته ايسٽر جي خوشيون پاڪستان لاءِ امن، محبت ۽ هم آهنگي جو پيغام بڻجن.










