عيد تي مسافرن کان واڌو ڀاڙو وٺڻ تي بس سروس تي ڏنڊ

عيد تي مسافرن کان واڌو ڀاڙو وٺڻ تي بس سروس تي ڏنڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪنزيومر عدالت عيد دوران مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪرڻ تي هڪ بس سروس تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ايسٽ ۾ عيد دوران مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت بس سروس انتظاميا تي 75 هزار رپيا جرمانو لاڳو ڪيو. عدالت حڪم ڏنو ته بس سروس انتظاميا درخواست ڏيندڙ کي 50 هزار رپيا معاوضو ادا ڪري، انتظاميا درخواست ڏيندڙ کي قانوني خرچن جي مد ۾ 25 هزار رپيا پڻ ادا ڪري، ۽ درخواست ڏيندڙ کان ڪرائي طور ورتل 600 رپيا پڻ واپس ڪيا وڃن. عدالت چيو ته بس مالڪن کي پنهنجن آفيسن ۾ واضح طور تي ڀاڙو ڏيکارڻ گهرجي. بس مالڪن کي تہوار جي موسم ۾ به پنهنجي آفيسن ۾ حڪومت پاران مقرر ڪيل ڀاڙو ڏيکارڻ گهرجي. جيڪڏهن بس مالڪ ڀاڙو وڌائين ٿا ته عوام کي اڳواٽ اطلاع ڏنو وڃي.درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هن جون 2024 ۾ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي ڪراچي کان خيرپور جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي هئي ۽ ڪراچي کان خيرپور جو ڀاڙو 1600 رپيا هو پر ان کان 2200 رپيا ورتا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو