عيد تي ميو اسپتال ۾ 7 نون آپريشن ٿيٽرز جو افتتاح

عيد تي ميو اسپتال ۾ 7 نون آپريشن ٿيٽرز جو افتتاح

لاهور(ويب ڊيسڪ)عيد الفطر جي موقعي تي پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي ميو اسپتال ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس 7 نون آپريشن ٿيٽرن جو افتتاح ڪيو ويو. صوبائي صحت واري وزير خواجا سلمان رفيق آپريشن ٿيٽر جو افتتاح ڪيو، بعد ۾ هن خواجا عمران نذير سان گڏ اسپتال جي ٻارن واري وارڊ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير خواجا سلمان رفيق چيو ته پنجاب ۾ عيد جا اجتماع پرامن طور منعقد ڪرڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسپتال جون حالتون بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ميو اسپتال يورپ جي اسپتال آهي.ان موقعي تي خواجا عمران نذير چيو ته ميو اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر کولڻ سان سهولتن ۾ اضافو ٿيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو