عورتن جي شرڪت کانسواءِ ٿر جي خوشحالي ناممڪن آهي،ڊي سي

عورتن جي شرڪت کانسواءِ ٿر جي خوشحالي ناممڪن آهي،ڊي سي

اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير ) ٿرپارڪر جھڙي پٺتي پيل ضلعي جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي اُن وقت تائين حاصل نٿي ٿي سگهي جيستائين ٿر جي عورتن کي روزگار ۽ آمدني ۾ هڪجهڙا ۽ برابر موقعا فراهم نه هجن. عورتن جي فعال شراڪت کانسواءِ ، گهريلو پيداوار (GDP) ۽ مجموعي طور تي معاشي ترقي جو ڪوبه قدر نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو ، ٿر فائونڊيشن ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران منعقد ڪيل عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو. اها تقريب زندگي جي مختلف شعبن ۾ ٿر جي عورتن جي ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ منعقد ڪئي وئي. ايوارڊ حاصل ڪندڙ عورتن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر سپروائيزر کيما ، منجو بائي ڪولھي ۽ شڪوتلا ، اڳوڻي ڪائونسلر ، ٿر آر او پلانٽ آپريٽر حنا ڪولھي ۽ وينتي بهيل ، امو بائي ۽ محترمه جيما ، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي ڊمپ ٽرڪ ڊرائيور ، وجه لڪشمي ، گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول اسلام ڪوٽ جي جي پرادها، ڀڳونتي، ٿر فائونڊيشن اسڪولن جي عائشه ، چينا ۽ سنڌيا  کي ايوارڊ ڏنا ويا. ايوارڊ تقريب کان پهريان اسڪول جي شاگردن ٽيبلا ۽  عورتن جي خودمختياري ۽ عورتن جي معاشري ۾ شموليت تي تقريرون ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر چيو ته عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي  پنهنجي رسالي جي شاعري ۾ عورتن جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو آهي. سنڌ جو سماج انهن کي سنڌ جي ڳوٺاڻن سيٽ اپ ۾ عورتن جي ڪردار جي نشاندهي ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڀٽائي  انهن سورميمن کي سنڌ جو هيرو سمجهي ٿو. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) سيد ابوالفضل رضوي چيو ته انهي ڳوٺاڻين ۽ اڻ پڙهيل عورتن کي تربيت ۽ روزگار ڏيڻ، تربيت يافته صنعتي ڊمپ ٽرڪ ڊرائيورن ۽ آر او پلانٽ آپريٽرز طور ڪم ڪرڻ مشڪل هو  پر اسان پنهنجو عزم پورو ڪيو آهي. هن چيو ته ٿر جي صنعت قدرتي وسيلن جهڙوڪ ڪوئلي ، گرينائيٽ ۽ چيني مٽي جي ذخيرن جي موجودگي کي نظر ۾  رکندي انهن منصوبن ۾ عورتن کي ترجيح ڏني وڃي ته انھي سان حقيقي ترقي ملندي. ان موقعي تي ضلعي ايجوڪيشن آفيسر غلام نبي ساهڙ ، مئنيجر ايجوڪيشن ٿر فائونڊيشن سيد سبين شاهه ، صدر واپاري ايسوسيئيشن ڪلديپ پارواني ، سول سوسائٽي جو ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي ، صدر پريس ڪلب اسلام ڪوٽ عبدالغني بجير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڪمليس پاڳاراڻي ۽ رشنا ضمير تقريب دوران اسٽيج سيڪريٽريز جا فرائض سرانجام ڏنا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو