عورتن جي تعليم ۽ شراڪت کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، پليجو

عورتن جي تعليم ۽ شراڪت کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، پليجو

ڪوٽ غلام محمد(ن سنڌيار) سنڌياڻي تحريڪ جي عورت ڪانفرنس ۽ مرڪزي ڪنوينشن ڪوٽ غلام محمد جي علي گارڊن ۾ ٿيو، جنھن جي صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي نئين چونڊيل صدر زينت سمون  ڪئي۔ جڏھن مھمان خاص اياز لطيف پليجو، اعزازي مھمان امير زادي برھماڻي، ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، عذرا رند، ھزار ناز ڪنراڻي، اشرف پليجو، خالده ڀٽو، نبي بخش ڀٽو، شاھنواز ھڱورو، ھاري تحريڪ جي صدر انور نوحاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عورت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌياڻي تحريڪ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي تي ڌاڙن، گريٽر ٿل ڪئنال، مھاجر صوبي، دھشتگردي، ڪاروڪاري، خوني قبيلائي رسمن خلاف ۽ آئين جي بالادستي لاء شاندار ڪردار ادا ڪري سياسي فتحون حاصل ڪيون آھن۔ سنڌياڻي تحريڪ ھر سنڌ دشمن منصوبي خلاف اول دستي ۾ رھي جنگ ڪري سياسي فتحون حاصل ڪيون آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته جاگيرداري، وڏيراشاھي ۽ جھالت جي ڪري عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي۔ اسان نياڻي کي تعليم ۽ بنيادي انساني حق ۽ برابري ڏيڻ کانسوا ترقي نٿا ڪري سگھون۔

Photo Sindhyar

اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪي نياڻين جي تعليم جا مخالف آھن اھي سنڌ ۽ انسانيت جا دشمن آھن۔ تعليمي ادارن ۾ نياڻين سان زيادتين ۾ ملوث بگھڙ ڦاسين تي لٽڪايا وڃن۔ هن چيو ته عورتون تعليم، صحت، روزگار جا ھڪجھڙا موقعا، پسند جي شادي جو اختيار، زبردستي مذھب بدلائڻ، جرڳن، قبيلائي اثر، ننڍي عمر جي شادي، بدي، وني، سڱ چٽي، پنھنجي وجود جي قانوني حق ۽ آئيني اختيار ۽ پسنديده زندگي جو آئيني حق، ملڪيت ۾ برابر حصو، ڊوميسٽڪ وايولنس، اغوا، ريپس ۽ چائيلڊ ابيوس کان نجات لاء جدوجھد ڪن۔ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ کي عورتن لاء قيد خانو بنائي ڇڏيو آھي۔ روزانو نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون، قتل ۽ تشدد جا واقعا ٿين ٿا پر ذميوارن کي ڪا به سزا نٿي ملي۔ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي خطرن کان بچائڻ لاء بيدار ٿي رستن تي اچڻو پوندو۔ جيڪي عورتن کي گھرن ۾ قيد ۽ غلام رکڻ چاھين ٿا، اھي پنھنجي نسلن ۽ سنڌ سان دشمني ڪري رھيا آھن۔ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر منور جتوئي چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، اغوا ۽ قتل واقعا انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھن۔ حڪومت قانون سازي ڪري ٿي پر عمل نٿو ڪرايو وڃي۔ جنھن ڪري المناڪ واقعا ٿين ٿا۔ مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي 13 سالن کان حڪومت سنڌ کي زرعي تباھي، ڪرپشن، بيروزگاري ۽ غربت کانسواء ڪجھ نه ڏنو آھي۔ 18ھين ترميم کان پوء سڀ اختيار ھجڻ باوجود سنڌ کي کنڊر بنايو ويو آھي۔ پيپلز پارٽي اقتدار لاء سڀ ڪجھ وڪڻي سگھي ٿي۔ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي۔ ھارياڻين کي مفت زمين ڏني وڃي۔ فصلن جا اگھ بھتر ڪيا وڃن۔ ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ ايس جي ايس ٽي جي نون چونڊيل عھديدارن کي اياز لطيف پليجي حلف کڻايو۔ جن ۾ صدر زينت سمون، نائب صدر نجمه آرائين، سينيئر نائب صدر امير زادي برھماڻي، جنرل سيڪريٽري زاھده شيخ جوائنٽ سيڪريٽري،ھزار ناز ڪنراڻي، فنانس سيڪريٽري راحيلا لاڙڪ، پريس سيڪريٽري روبينا شيخ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ناھيد جوڳي، ميمبرز عزرا رند، مھرالنساء پنھور، خيرالنساء سومرو، نصرت خاصخيلي، شھربانو راھوجو، افروز ڪٽپر، نورخاصخيلي، ارباب سولنگي، سونيلا سيال، بختاور خاصخيلي، ھاجاڻي برھماڻي، گنگاٻائي، زيب النساء کوسو، خالده ڀٽو، سيما راڄپر، نور مگسي، آمنه ڪنڀر، جميلا بلوچ، ساجده ابڙو، بختاور کوسو ۽ ايس جي ايس ٽي جي صدر ڊاڪٽر سسئي اشرف لاکو، نائب صدر صبا سمون، جنرل سيڪريٽري راحيلا ڀٽو، جوائنٽ سيڪريٽري رابيه بچل احمداڻي، فنانس سيڪريٽري، صوفيا اوٺو، پريس سيڪريٽري عارفه راجپر، ميمبرز روپا سومرو، خوشبو جوڳي، ارم عباس سولنگي، نساء مظھر سمون، ڪشف عباس سولنگي، لائبه آرائين، نسيم مگسي، شاھجھان مگسي، روشنا پٺاڻ، سورٺ سومرو، قرت العين مگسي، صنم سمون، راڻي ڀٽو، تنزيلا ساند، جميلا ساند ۽ ماروي کوسو شامل آھن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو