اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عمران خان 13 پارٽين جي سياست کي هميشه جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي.ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته جيڪڏهن هي اسيمبليون نه ٽوڙيون ويون ته پنهنجن ميمبرن کي اسيمبلين مان واپس گهرايو ويندو.هن چيو ته اڄ جو نوجوان ۽ اڄ جي عالمي قومي ۽ عالمي سياست عمران خان سان گڏ آهي. عمران خان چيو ته اهڙين اسيمبلين ۾ نه ويهنداسين جتي چور، ڌاڙيل ۽ ڦورو ويٺل هجن.










