عمران خان کي پنھنجي وزيراعليٰ شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي: شرجيل انعام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران کي پنهنجي وزيراعليٰ شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي آهي چوڌري پرويز الاهي عمران خان ۽ پي ٽي آئي کي انھن جي اوقات ياد ڏياري ڇڏي آھي. پرويز الاهي سمجهدار سياستدان آهي ان موقعي کي ڏسي ڪري پتو اڇلايو آهي. ان ڳالهه جو اظهار صوبائي پنهنجي ھڪ بيان ۾ ڪيو، صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پرويز الاهي عمران خان کان گجرات، چڪوال ۽ پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ 30 سيٽن جي گارنٽي جو مطالبو ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پنجاب جو سڀ کان وڏي ڌاڙيل جو لقب حاصل ڪرڻ وارو ، اڄ عمران خان تي ڳرو ثابت ٿي رهيو آهي، عمران خان رياست کي ڪرڪيٽ جو ميدان سمجهي ويٺا ھئا، جتي هو هر طرح جي من ماني ڪري سگهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران نيازي ٻڌي وٺي! اتحادي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام توهان جي عدم استحڪام جي سازشون ناڪام بڻائيندي. ھن چيو تہ اطلاعات آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جون اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان جادو ٽوڻي کانپوءِ ڪيو ويو آھي. صوبائي وزير چيو تہ عمران خان ۽ پي ٽي آئي ملڪ کي جادو نگري ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آهن. عمران نيازي ملڪ ۽ قوم جي بقاء جا فيصلا جادو ٽوڻي ۽ فال ڪڍي ڪرڻ چاهي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو