عمران خان جي عورت جج کي ڌمڪيون ڏيندڙ تقرير جو رڪارڊ عدالت ۾ جمع

عمران خان جي عورت جج کي ڌمڪيون ڏيندڙ تقرير جو رڪارڊ عدالت ۾ جمع

اسلام آباد)بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري تقرير جو رڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ايف نائن پارڪ ۾ ڪيل تقرير جو رڪارڊ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ عمران خان ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏنيون، جنهن تي شهباز گل جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو.پاڪستان اليڪٽرڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي ڊي جي اشفاق احمد عمران خان جي 20 آگسٽ واري تقرير جو وڊيو ۽ ٽرانسڪرپٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو.پيمرا پاران عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي رپورٽ پڻ رڪارڊ سميت جمع ڪرائي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 23 آگسٽ تي نوٽيس جاري ڪندي پيمرا کان رڪارڊ طلب ڪيو هو ۽ ان ڪيس ۾ عدالت عمران خان کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو