لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب عمران خان جنوري جي پهرين هفتي ۾ ني گالا اچڻ جو ارادو ڪيو آهي، عمران خان پارٽي قيادت کي بني گالا اچڻ جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.پارٽي ذريعن موجب عمران خان جي آمد لاءِ بني گالا سيڪريٽريٽ کي پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ سيڪريٽريٽ کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي.










