ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو يو ايس ايڊ جو پروگرام ختم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پروگرام تحت عالمي فنڊز استعمال ڪيا ويندا. ڪميونٽي جي بنياد تي تنظيم تمام مددگار هئي جنهن جي ختم ٿيڻ افسوسناڪ آهي.يو اين ڊي پي سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن کي موبائل وين ۽ ٽرڪون فراهم ڪيون آهن ته جيئن ڪراچي ۾ سنڌ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي ڪنٽرول لاءِ دوائن ۽ سهولتن جي بروقت ترسيل کي يقيني بڻائي سگهجي. اهي گاڏيون گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام پاران مهيا ڪيون ويون آهن، جن ۾ 1 ٽرڪ ۽ 16 وين شامل آهن.اهي وين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن تائين دوائون ۽ ٻيون طبي سهولتون پهچائڻ ۾ مدد ڪنديون. ان حوالي سان سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جو چوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي کي روڪڻ لاءِ ڪا به ويڪسين موجود ناهي، تنهن ڪري آگاهي ۽ بروقت علاج ئي ان کان بچڻ جو واحد حل آهي.هن وڌيڪ چيو ته يو اين ڊي پي پاران فراهم ڪيل اهي گاڏيون سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايڇ آءِ وي خلاف جنگ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿينديون.سنڌ جي صحت واري وزير جو اهو به چوڻ آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته يو ايس ايڊ پروگرام ختم ٿي ويو آهي. هن پروگرام جي مهرباني، عالمي فنڊز مان مدد اچي رهي هئي، جيڪا ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن لاءِ مددگار ثابت ٿي رهي هئي.










