ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي جو چوڻ آهي ته عددي طور تي، پيپلز پارٽي اڄ جي سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نگهت مرزا سينيٽ جي سيٽ لاءِ اسان جي اميدوار آهي. هوءَ اڳ ۾ ٻه ڀيرا سينيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندگي ڪري چڪي آهي. علي خورشيدي چيو ته شهري سنڌ جي نمائندي پارٽي جي حيثيت سان، اسان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. شهري سنڌ جي آبادي پيپلز پارٽي جي حڪومت کان ناخوش آهي.










