عثمان انور تبديل، رائو عبدالڪريم آءِ جي پنجاب مقرر

عثمان انور تبديل، رائو عبدالڪريم آءِ جي پنجاب مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي پي) پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور کي تبديل ڪري رائو عبدالڪريم کي ان جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي.صوبائي حڪومت جي ذريعن موجب آءِ جي پنجاب جي عهدي لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو ويو، جن ۾ آءِ جي خيبر پختونخوا ذوالفقار حميد، سي سي پي او بلال صديق ڪميانا، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي وسيم سيال شامل آهن.وفاقي حڪومت جي ذريعن موجب، ڊاڪٽر عثمان انور کي پنجاب کان وفاق ۾ ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب، ڊاڪٽر عثمان انور کي 24 جنوري 2023 تي هن عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. هن 3 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين آءِ جي پنجاب طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو