عاليه رياض وقار يونس جي ننڍي ڀاءُ سان مڱڻي ڪري ڇڏي

عاليه رياض وقار يونس جي ننڍي ڀاءُ سان مڱڻي ڪري ڇڏي

واهه ڪينٽ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عاليه رياض ۽ مبصر علي يونس مڱڻي ڪري ورتي.ٻنهي جي مڱڻي جي تقريب واهه ڪينٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.مبصر علي يونس اڳوڻي ڪپتان وقار يونس جو ننڍو ڀاءُ آهي.عاليا رياض 62 ون ڊي ۽ 83 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪي آهي.هن ون ڊي ميچن ۾ 1209 رنسون ۽ 10 وڪيٽون ورتيون آهن جڏهن ته ٽي 20 ميچن ۾ 938 رنسون اسڪور ڪيون آهن ۽ 20 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو