عارف علوي به مڃي ورتو ته عمران خان سليڪٽڊ هو: شيري رحمان

عارف علوي به مڃي ورتو ته عمران خان سليڪٽڊ هو: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ماحوليات بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته دير سان ئي عارف علوي به اعتراف ڪري ورتو ته عمران خان سليڪٽڊ هو.هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته عارف علوي جو بيان عمران خان چارج شيٽ آهي، عمران خان اڄڪلهه اڳوڻي آرمي چيف تي حڪومت خلاف سازش جا الزام هڻي رهيو آهي ۽ ان جو صدر چئي رهيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف ئي سينيٽ ۽ عام چونڊن ۾ مدد ڪئي.هن چيو ته دير سان ئي پر عارف علوي به اعتراف ڪري ورتو ته عمران خان سليڪٽڊ هو، پي ٽي آءِ کي ان تي وضاحت ڏيڻ گهرجي، بلاول ڀٽو پهرئين ڏينهن ئي اسيمبلي فلور تي چيو هو ته هي سليڪٽڊ وزيراعظم آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان هڪ پاسي اسٽيبلشمينٽ تي الزام هڻي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي انهن کي سياسي، انتظامي ڪردار ادا ڪرڻ جو چئي رهيو آهي، هو ادارن کي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۾ مداخلت تي اڪسائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو