صوابي ۾ ظالم پيءُ 4 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي

صوابي ۾ ظالم پيءُ 4 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي

صوابي: (ويب ڊيسڪ) هڪ ظالم پيءُ 4 ٻارن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي.ريسڪيو اختيارين موجب، افسوسناڪ واقعو صوابي جي علائقي يار حسين سڙا چينه ۾ پيش آيو، جتي ظالم پيءُ پنهنجي ٻارن کي تيز اوزار سان قتل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ به پاڻ کي ماري ڇڏيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته لاشن کي يار حسين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. قتل ٿيل ٻارن جي عمر 2 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي. فوت ٿيل ٻارن ۾ 2 پٽ ۽ 2 ڌيئرون شامل آهن. ٻارن جي سڃاڻپ 12 سالن جي ضيا، 10 سالن جي عبدالرحمان ۽ 8 سالن جي ثنا جي طور تي ٿي آهي.پوليس اختيارين موجب، شروعاتي معلومات مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻارن جو قاتل پيءُ آهي، ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو