بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان چيني صدر شي جن پنگ جي 5 نڪاتي امن ايجنڊا جي ڀرپور تائيد ڪريون ٿا ۽ امن ڪوششن جي مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف چين جي عظيم عوامي هال (گريٽ هال آف دي پيپل) وفد سان گڏ پهتو، جتي چين جي وزيراعظم لي چيانگ سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڻ ۾ هٿ ملايو، خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ويو، قومي ترانا وڄايا ويا ۽ هٿياربند فوج جي چاق چوبند دستن گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن پنهنجي پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي چيني هم منصب سان وفد سميت ملاقات دوران چيو ته چين جي دوري جي گرمجوشي سان ڏنل دعوت تي مان اوهان جو بيحد شڪرگذار آهيان، اوهان جي عظيم ملڪ جو دورو ڪرڻ منهنجي لاءِ هميشه وڏي خوشي جو سبب هوندو آهي، جڏهن به چين اچون ٿا ته اسان کي نئين اڏاوت ۽ عظيم ترقي ڏسڻ ۾ ملي ٿي.هن چيو ته چين جي ڀائر عوام سان صوبي شانشي جي ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي تي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، اسان متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.هن وڌيڪ چيو ته اسان ان وقت تاريخ جي هڪ انتهائي اهم موڙ تي بيٺا آهيون، پاڪستان ۽ چين پنهنجي شاندار دوستي ۽ سفارتي لاڳاپن جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو بنياد اسان جي باني اڳواڻن رکيو هو.وزيراعظم چيني هم منصب کي ٻڌايو ته فيلڊ مارشل ايراني ۽ آمريڪي قيادت جي وچ ۾ رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، نائب وزيراعظم پڻ ايران ۽ خليجي ملڪن ۾ پنهنجي هم منصبن سان رابطا ڪيا، دعاگو آهيون ته امن هميشه لاءِ بحال ٿئي.هن چيو ته اسان ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي سفر تي گامزن آهيون، اڄ دنيا انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي، خليجي خطي ۾ به بحران موجود آهي، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۾ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اڃا تائين تهران کان واپس آيو آهي، فيلڊ مارشل ان اهم دوري کي ڇڏڻ نه ٿي چاهيو، هو سڄي رات سفر ۾ رهيو ۽ ان ملاقات ۾ شريڪ ٿيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته امن جي حوالي سان ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، معاملا درست طرف اڳتي وڌي رهيا آهن، امن جي قيام ۽ جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت تي صدر شي ۽ چيني قيادت جو شڪرگذار آهيان.هن چيو ته اسان صدر شي جن پنگ جي 4 نڪاتي ائجنڊا جي ڀرپور تائيد ڪريون ٿا، نائب وزيراعظم ۽ چيني پرڏيهي وزير جنگ بندي لاءِ 5 نڪاتي پروگرام جو اعلان ڪيو، اسان کي گڏجي امن لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، هاڻوڪي بحران نه صرف دنيا جي معيشتن پر پاڪستان کي به متاثر ڪيو.
پاڪستان جو امن لاءِ مثبت ڪردار، گڏيل مفادن جو تحفظ ڪيو: چيني وزيراعظم
ان موقعي تي چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو ته پاڪستان ويجهن رابطن ۽ هم آهنگي کي برقرار رکيو آهي، گڏيل مفادن جو تحفظ ڪيو آهي، پاڪستان علائقائي امن لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو، صدر شي جن پنگ جي اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿيندي.هن چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، چين پاڪستان سان روايتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٻه طرفي سهڪار جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم اسان اوهان سان عملي سهڪار کي وسيع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.ياد رهي ته وزيراعظم اڄ چين ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريندو، هو چيني وزيراعظم کانپوءِ چيني صدر سان به ملاقات ڪندو.ٻنهي وزيراعظمن جي وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي رهي آهي جنهن ۾ ٻئي وزيراعظم پاڪ چين مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي تبادلي واري تقريب ۾ به شريڪ ٿيندا.وزيراعظم وفد سان گڏ تيانمن اسڪوائر ۾ عوامي هيروز جي يادگار تي حاضري ڏيندو ۽ گلدستو رکندو، سندس مشهور چيني سيڙپڪارن ۽ چيني ڪمپنين جي سي اي اووز (CEOs) سان به ملاقاتون ٿينديون.وزيراعظم اعليٰ چيني قيادت سان گڏ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.










